اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ج?? ڪوڙو ۽ منافق چهرو عوام سڃاڻي ٿي، ٻاهرئين سازش جو بيانيو دفن ٿيڻ کانپوءِ 25 مئي جو ڀڳوڙو هاڻي پنهنجي ڏنل مهانگائي تي فتنو فساد پکيڙڻ چاهي ٿو، عوام ملڪي مفاد کي ڪجهه هيرن ج?? عيوض وڪرو ڪندڙن ج?? ڪال تي ڇو نڪري؟ عمران خان ج?? احتجاج جي ڪال تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته عوام ڪوڙي، فتني، منافق ۽ چور جي ڪال تي ڇو نڪري؟ عوام چار سال مزدور جي م??دوري ۽ عوام جي روزي کائيندڙ جي ڪال تي ڇو نڪري؟ مهانگائي، معاشي تباهي ۽ بيروزگاري جي ذميوارن ج?? ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ چار سال مهانگائي جو طوفان برپا ڪندڙن ج?? ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ اقتدار ۾ آءِ ايم ايف سان ڪمزور معاهدو ڪندڙن ج?? ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ اٽو 35 مان 90 رپيا ڪندڙن ج?? ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ کنڊ 52 مان 120 رپيا ڪندڙن ج?? ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ عوام خوني م??رچ جي ڪال ڏيند??ن سان گڏ ڇو نڪري؟ عوام پوليس وارن کي گوليون هڻند??ن سان گڏ ڇو نڪري؟ عوام ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪند??ن سان گڏ ڇو نڪري؟ چار سال ملڪ جا مفاد هيري جي مُنڊين ج?? عيوض وڪرو ڪندڙن ج?? ڪال تي عوام ڇو نڪري؟ عوام ملڪ کي تاريخي مقروض ڪند??ن سان گڏ ڇو نڪري؟ عوام ڪشمير فروشن سان گڏ ڇو نڪري؟ عوام ملڪ کي ورڇ ڪند??ن سان گڏ ڇو نڪري؟ هن چيو ته حڪومت ملڪ جو معاشي رخ صحيح ڪري رهي آهي ڪنهن خوني ۽ فسادي احتجاج جي اجازت نه هوندي.