اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه مان دريافت ٿيندڙ گئس جي ??خيرن مان عوام کي گئس جي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان فوجي فائونڊيشن گروپ جي چيئرمين وقار احمد ملڪ ۽ ماڙي پيٽروليم جي ??ربراهه فهيم حيدر ملاقات ڪئي. پيٽروليم وارو مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پيٽروليم وارو سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اڳوڻي قبائلي علائقن مان دريافت ٿيل گئس فوري طور تي عوام کي فر??هم ڪرڻ جي منظوري ڏني. خيبرپختونخواهه جي ??لائقي بنون مان 10 کرب ڪيوبڪ فٽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا هئا. وزيراعظم اهي ذخيرا عوام کي گئس جي کوٽ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي اتر وزيرستان، بنون ۾ نئين دريافت ٿيندڙ ذخيرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي گئس جي ??عبي جي مجموعي صورتحال، طلب ۽ پهچ کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل علائقن جي ??وام کي به دريافت ٿيل گئس جا ثمر فر??هم ڪرڻ ۽ علائقي جي ??رقي، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت جي ??والي سان سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کيس آگاهه ڪيو وڃي ته جن علائقن مان گئس نڪتي آهي اتان جي ??وام ۽ ٻارن کي ڇا ملندو.