اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ صنوبر جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي هنگامي امداد جي وفاقي ادارن کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سان ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم صوبائي حڪومت سان گڏجي 7 ڪلوميٽر جي دائري ۾ لڳ?? باهه کي وسائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن واقعي جي جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??را??ظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وڏا برن سينٽرز منتقل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن چار زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.