اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هم آهنگي رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسع البنياد حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ سع??دي عرب جي سفير نواف بن سع??د احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي ??چ ۾ گڏيل مذهب، گڏيل قدرن ۽ ثقافت تي ٻڌل پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو. صدر چيو ته سع??دي عرب سان پنهنجي ??اڳاپن کي ان??هائي اهميت ڏي ٿو جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ٻئي ملڪ ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا، هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ سع??دي عرب سان مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسيع النبياد حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ??اپارين ۽ چيمبرز آف ڪامرس ??ي گڏيل واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ باقاعدگي سان ڳالهيون ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته سع??دي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي صدر خادم حرمين شريفين لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام به ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام سندس بهتر صحت ۽ وڏي عمر لاءِ دعاڳو آهي.