اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف پشاور ۾ سک برادري سان تعلق رکندڙ ٻن پاڪستانين جي قتل جي ??خت مذمت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير صوبي ۾ شهرين خاص طور تي غيرمسلمان پاڪستانين جي ??ان ۽ مال جي ??حفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي، رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو ته ان دهشتگردي جي پٺيان پاڪستان دشمني آهي، اهڙن دشمنن کي ختم صفحه هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ??تا??ر خاندانن کي يقين ڏياريون ٿا ته قاتلن جي گرفتاري ۾ وفاقي حڪومت مڪمل تعاون ڪندي.