اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام سڀ ڄاڻي ٿو، پنهنجي ڏوهاري کي سڃاڻي ٿي، معاشي تباهي جو چهرو صرف عمر??ن خان آهي، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي دور ۾ سدائين مهانگائي ۽ ڪرپشن ختم ٿي، نواز شريف، شهباز شريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين عوام کي رليف ڏنو آهي، عمر??ن خان جي معاشي ڏوهه جي سزا پاڪستان جي عوام کي نٿا ڏيڻ چاهيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيٽرول جي قيمت وڌائڻ آسان آهي، پر اسان عوام کي وڌيڪ تڪليف کان بچائڻ چاهيون ٿا. عوام وڌيڪ غريب نه ٿئي. ان تي وڌيڪ بار نه پوي، ان لاءِ پيٽرول جي قيمت نه وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته عمر??ن خان کي پنهنجي معاشي ڏوهه جو بار کڻڻ ۽ جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مهانگائي وڌائڻ مسلم ليگ ن جي لاءِ ان جي منشور جي خلاف آهي، مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف دهشتگردي ??و خاتمو ڪيو، لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، مهانگائي گهٽ ڪئي، ه?? چيو ته مهانگي اٽي، مهانگي گئس، مهانگي بجلي، مهاگين دوائن جو حساب عمر??ن خان کي ڏيڻو پوندو، اطلاعات واري وفاقي وزير مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دورن ۾ معاشي، اقتصادي ۽ شين جي قيمتن جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته نواز شريف جي دور ۾ ڊالر 116 روپيا هو جنهن کي عمر??ن خان 189 روپين تائين پهچائي ڇڏيو، ه?? چيو ته 1947ع کان 2018ع تائين سڀني حڪومتن گڏجي 71 سالن ۾ 24953 ارب روپيا قرض حاصل ڪيو ان جي ابتڙ عمر??ن خان صرف ساڍا ٽن سالن۾ قرض کي 42745 ارب روپين تائين وڌائي ڇڏيو. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف قومي ترقي جي شرح 6.1 سيڪڙو تي پهچائي، عمر??ن خان پهرين ان کي منفي ۾ پهچايو ۽ هاڻي 4 سيڪڙو متوقع آهي، ه?? چيو ته نواز شريف جي دور ۾ مهانگائي 3.9 سيڪڙو هئي، عمر??ن خان ان کي 13 سيڪڙو تائين پهچايو، نواز شريف جي دور ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 700 روپين جو هو جيڪو عمر??ن خان جي دور ۾ 11 سئو روپين جو ٿيو، نواز شريف جي دور ۾ کنڊ 52 روپيا في ڪلو هئي جيڪا عمر??ن خان جي دور ۾ 120 روپيا في ڪلو ٿي، نواز شريف جي دور ۾ گيهه 151 روپيا ڪلو هو عمر??ن خان جي دور ۾ 470 روپيا ڪلو ٿي ويو. نوازشريف جي دور ۾ بجلي جي في يونٽ قيمت 11 روپيا هئي جيڪا عمر??ن خان جي دور ۾ 24 روپيا ٿي وئي، نواز شريف جي دور ۾ گئس جي قيمت 600 روپيا ايم ايم بي ٽي يو هئي جيڪا عمر??ن خان جي دور ۾ 1400 روپيا ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي. اهڙي طرح نواز شريف جي دور ۾ ڀاڻ جي ٻوري جي قيمت 1380 روپيا هئي جيڪا عمر??ن خان جي دور ۾ 3 هزار روپين تائين وڪرو ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ مالي خسارو 2260 ارب روپيا هو جيڪو عمر??ن خان 5600 ارب روپين تائين پهچائي ڇڏيو. جڏ??ن ته واپاري خساري مسلم ليگ(ن) جي دور ۾ 30.9 ارب ڊالر هو جيڪو عمر??ن خان جي دور ۾43 ارب ڊالر تائين پهچي ويو،هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ جي ڊي پي جي حساب سان ٽيڪس 11.1 سيڪڙو هو، يعني ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ٿيو، عمر??ن خان جي دور ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس گهٽ ٿي ڪري 9.2 سيڪڙو تي اچي ويو. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بيروزگارن جو تعداد گهٽجي 35 لک رهجي ويو هو، جڏ??ن ته عمر??ن خان جي دور ۾ 60 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا ۽ ڪل تعداد 95 لک ٿي ويو، ه?? چيو ته نواز شريف جي دور ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن گهٽ ٿي، عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان 117 نمبر تي اچي ويو، عمر??ن خان جي دور ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽٽا، عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان 23 پوائنٽس مٿي ٿي ويو، ه?? چيو ته عمر??ن خان ٻڌائي؟ پاڪستان ۾ ڪرپشن ڇو وڌي، 117 کان پاڪستان 140 نمبر تي ڇو ويو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن نه پر ملڪ ۾ صرف انتشار چاهي ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ان ۾ قومي سياسي، عوامي پارٽيون آهن. انهن جي مشاورت سان چونڊن جو فيصلو ٿيندو، عمر??ن خان ۽ ان جا حواري پاڪستان ۾ هڪ ماڻهو، هڪ پارٽي ۽ هڪ سوچ جي حڪمراني چاهين ٿا، ائين نه ٿيندو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ پارٽي جي حڪمراني جو مطلب فسطائيت ۽ آمريت هوندو آهي. اهو بيان انهي منفي غير جمهوري سوچ جو اظهار آهي.