اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر ونڊي گلمر اربع ??ين??ن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪ??نيڊا جي هاءِ ڪمشنر م??لڪتي وزير کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مملڪتي وزير حنا رباني کر ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪينيڊين ڪمپنيز ک?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي زور ڏنو، مملڪتي وزير پاڪستان جي شاگردن لاءِ ڪينيڊين ويزا جاري ڪرڻ ۾ سهولت تي به زور ڏنو.