اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪراچي ۾ دهشتگرداڻي حملي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانيون ??ايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ت?? اسان ڪراچي ۾ ٿيندڙ قابل مذمت دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا جنهن ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين سميت معصوم جانين جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان واقعي ۾ پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئيندڙ متاثرين جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، ترجمان چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن ته جيئن جوابدارن جي گرفتاري ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ته م??ام?? عملدارن زخمين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيا آهن، ترجمان چيو ته اهو بزدلاڻو واقعو پاڪ چين دوستي ۽ جاري تعاون ??ي سڌو سنئون ??ملو آهي، پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، ترجمان چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي ت??ام گهڻي اهميت ڏي ٿو.