اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڪشش ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي منزل جي طور تي اڀري رهيو آهي، پاڪستان ملڪ جي ڪاروباري ماحول ۾ بهتري آڻڻ لاءِ مختلف سڌارا متعارف ڪرايا آهن، غير ملڪي واپاري ملڪ جي سيڙپڪار طور ڪاروباري نظام مان فائدو کڻن، ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برونائي داراسلام جي چونڊيل هاءِ ڪمشنر الجزائر ۽ يونان جي سفيرن ۽ موريطانيه ۽ البانيا جي چونڊيل ??ير مقيم سفيرن سان ا??وان صدر ۾ ڳالهائيند ڪئي، جنهن ساڻس ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، برونائي داراسلام جي چونڊيل هاءِ ڪمشنر پينگيران عبدالصمد بن پينگيران حاجي ميتاسان، الجزائز جي چونڊيل ??فير براهيم رونامي، يونان (هيلينڪ ريپبلڪ) جي ڪونسٽنٽينوس مواتس، موريطانيه جي محمد والباه ۽ البانيه جي نامزد سفير ڪسٽريوٽ روبو هڪ تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي پنهنجون سندون پيش ڪيون، صدر نئين چونڊيل ??فيرن کي مبارڪباد ڏيندي ان ا??يد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هو دوست ملڪن سان گڏ معاشي واپاري ۽ ثقافتي تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته آساني ڪاروبار سان غير ملڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ملندي، پاڪستان معاشي ترقي لاءِ پنهنجي منفرد جيو اڪنامڪ جاگرافيائي کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان واپاري ماپو خاص طور روانگي واپار وڌ??ئڻ جو خواهشمند آهي، صدر چيو ته دوست ملڪن سان گڏ وسيع البنياد ۽ بامعن??ٰ تعاون لاءِ اداره جاتي فريم ورڪ جي ضرورت آهي، صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ا??ساني حقن جي خلاف ورزين جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي برادري ڀارت کي جوابده بڻائي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري، صدر غير ملڪي سفيرن کي افغانستان جي سنگين ا??ساني صورتحال کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عالمي برادري افغانستان جي ماڻهن کي انسان جي تباهي کان بچ??ئڻ لاءِ انهن جي مدد ڪري.