اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ڪووڊ – 19 وبا عالمي معاشي نظام کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي دنيا هاڻي پسم??ظر ۾ وڃي چڪي آهي هڪ نئين دنيا سامهون آهي، اسان کي ان ۾ احتياط ۽ ڏور انديشي سان داخل ٿيڻو آهي. نسٽ انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽيڊيز ۾ ”ويزن ايف او پائيدار امن، جامع ترقي ۽ گڏيل ترقي لاءِ گهڻ رخي سفارتڪاري“ جي موضوع تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته گهڻ رخي سفارتڪاري جهڙو اصلاح نئين رجحانن ۽ حقيقتن جو عڪاس آهي، دنيا جيڪا ڪجهه ڏهاڪا پهرين هئي، هاڻي ان کان ڪافي مختلف آهي، سفارتڪاري هاڻي رڳو بين الرياستي ناهي رهي، هن چيو ته عالمي لاڳاپن ۽ پرڏيهي پاليسي کي هلائڻ جي روايتي ذريعن کي تيز رفتار عالمي ادراڪ جي صنعت پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، گهڻ رخي سفارتڪاري هاڻي م??يش??، سائبر اسپيس، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، سائنس کان وٺي ثقافت ۽ ايستائين جو ماڻهن کان ماڻهن جي رابطن تائين جو احاطو ڪندي آهي جڏهن ته سافٽ پاور پهرين ئي ??وايتي جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، زندگي جي سمورن شعبن تي انهن جي اثرن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال، عوامي راءِ کي متاثر ڪرڻ ۽ ايجنڊائن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ ڪووڊ – 19 وبا عالمي معاشي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهو صرف عالمي صحت جو بحران نه آهي پر ڊگهي مدي واري جاگرافيائي ??ياسي تبديلين جو سبب بڻجي رهيو آهي، ڪووڊ ويڪسينز به انهن ملڪن سان سفارتڪاري ۾ مدد ڪئي ??يڪي پنهنجي ويڪسينز ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجي جي ذريعا ان وبا مان سرخرو ٿيا آهن، هڪ نئين دنيا پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ اسان کي احتياط ۽ دور انديشي سان داخل ٿيڻو آهي جڏهن ته هڪ قلبي دنيا هاڻي هڪ عقبي م??ظر بڻجي چڪي آهي، گهڻ رخو ميڪنزم جيڪو ثالثي ۽ تڪرارن جي حل لاءِ پهرين جوڙيو ويو هو پنهنجي اهميت وڃائي ??هيو آهي، جاگرافيائي ??ياست سان گڏوگڏ ٽيڪنيڪي ترقي جي ڪري توانائي ??ي سياسي م??يش?? تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، هن چيو ته گهڻ رخي ادارن جو ڪمزور هجڻ، سرحدن جي پاليسي ۽ عالمي اتحادين جي ڪشمڪش علائقائي ??صيداري کي رستو ڏئي ??هي آهي، ان جي بدلجندڙ رجحانن جي پس م??ظر ۾ جاگرافيائي ??ياست، نون عملن ۽ غور ۽ فڪر کي ترغيب ڏئي ??هي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسان پنهنجي سفارتي مقصدن کي ٻه طرفه ۽ گهڻ رخي طور تي فعال ۽ مستقل طور تي اڳتي وڌايو آهي، اسان سمورن خطن ۾ وڏين طاقتن ۽ اهم حصيدارن سان دوستي کي مضبوط ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم ڪيو آهي، وزيراعظم جي رهنمائي ۾، پاڪستان پائيدار ۽ برابر ترقي، موسمياتي تبديلي، قرضن کان ڇوٽڪارو، بدعنواني ۽ غير قانوني مالياتي وهڪري سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي مسئلن تي ڀرپور وڪالت سان گڏ گهڻ رخي فورمز تي هڪ مڃيل آواز آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي جاگرافيائي ??ياسي اهميت جو فائدو کڻندي جيو اڪنامڪس تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ??ڳتي وڌي رهيا آهيون.