اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي فور??ن تي آواز اٿارڻ جا اثر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پڻ ان جي مذمت ڪئي آهي. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف وزيراعظم پاران عالمي فور??ن تي آواز اٿارڻ جا مثبت اثر سامهون اچي رهيا آهن، ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به ان جي مذمت ڪئي آهي. ??رخ حبيب چيو ته ڪينيڊين وزيراعظم اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ خصوصي ??ما??ندو مقرر ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته ان کان اڳ روس جو صدر پيوٽن پڻ اسلامو فوبيا کي راءِ جي آزادي چوڻ غلط قرار ڏئي چڪو آهي.