اسلام آبا?? -03 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس گلزار احمد سان ڪرڪ ۾ تيري مندر جي دوري تي آيل مخ??لف ملڪن جي ??ندو ياترين جي ??فد هتي سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي. عدالت سڳوري پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق چيف جسٽس هندو ياترين جي ??فد جي آجيان ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي چيف جسٽس چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي برداشت آهي، پاڪستان ۾ هر شهري کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي، پاڪستا?? جون عدالتون بنيادي حق?? جون محافظ آهن. پاڪستان جي عدالتن هميشه پاڪستان جي آئين تحت اقليتي برادري جي حق?? جو تحفظ ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان هندو ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار به موجود هو جنهن چيف جسٽس گلزار احمد کي وفد جي باري ۾ ٻڌايو. ڊاڪٽر رميش ڪمار ڪرڪ ۾ تيري مندر جي بحالي لاءِ چيف جسٽس گلزار احمد جي ??دمن جي به واکاڻ ڪئي. وفد ملاقات لاءِ وقت ڏيڻ تي چيف جسٽس جا ٿورا مڃيا.