اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ٽانڪ ۽ مير علي ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽري?? موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ دشمن ع??صر ڪڏهن پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. ??ن چيو ته دهشتگرد امن امان جي صو??تح??ل کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسان ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ??ن چيو ته پوري قوم پاڪستاني فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پاڪستان جي ترقي سان ملڪ دشمن قوتون خفا آهن، ??ن چيو ته دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون رائيگان نه وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري.