اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين دينه ۾ لا??ور جي نجي اسڪول جي ٽرپ ڪوسٽر کي پيش ايندڙ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته معصوم ٻارن سان پيش ايندڙ واقع?? افسوسناڪ آهي، حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٽيچر ۽ شاگردن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جا درجا بلند ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن حادثي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.