اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ مدين?? جي رياست جي بنياد عدل ۽ انصاف، معاشر?? جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، نوجوانن کي جنسي ڏوهن ۽ منشيات جهڙين اخلاقي ??راين کان بچائڻ لاءِ سيرت طيبه جي سنهري اصولن جي روشني ۾ ان جي ڪردار سازي گهڻي ??روري آهي. وزيراعظم سان ڊاڪٽر صاحبزاده ساجد الرحمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري به موجود هو. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ 12 ربيع الاول ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ جوش ?? جذبي سان ملهايو ويندو، ان موقعي تي نوجوان نسل کي مدين?? جي رياست ۽ سيرت طبيه جي رهنما اصولن کان روشناس ڪرائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. حضور اڪرم ﷺ مدين?? جي رياست جو بنياد عدل ۽ انصاف، معاشر?? جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، پاڻ سڳورن ماڻهن جي ڪردار سازي تي خاص ڌيان ڏنو. وزيراعظم چيو ته اڄ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ نوجان نسل جنسي ڏوهن ۽ منشيات جهڙين براين کان بري طرح متاثر ٿي رهي آهي، نوجوانن کي ان اخلاقي ??راين کان بچائڻ لاءِ سيرت طبيه جي سنهري اصولن جي روشني ۾ انهن جي ڪردار سازي گهڻي ??روري آهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪئي آهي جنهن ۾ سيرت طيبه تي اعليٰ شهرت رکندڙ اسڪالرز نوجوانن جي ڪردار سازي لاءِ رهنمائي ڪندا، وزيراعظم چيو ته ا??ا اٿارٽي تحقيق ڪري نوجوانن کي ٻڌائيندي ته ا??ي ڪهڙا عمل هئا جنهن جي ڪري رڳو 13 سالن جي ٿوري عرصي ۾ (636-623) مسلمان قيصر ۽ ڪسر?? جي عظيم سلطنتن کي زير ڪري 150000 چورس ڪلوميٽر زمين تي حڪمراني ڪرڻ لڳا.