اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آه?? ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي ل??ءِ هن طالبان سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آه??، ٺوس حڪومت پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آه??. هن اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ چئي آه??. وزيراعظم چيو ته دوشنبي ۾ ا??غانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتن خاص طور تي تاجڪستان جي صدر امام ع??ي رحمانوف سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هن هڪ شموليتي حڪومت جي ل??ءِ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪ برادري جي افغان حڪومت ۾ شموليت جي ل??ءِ طالبان سان ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آه??. وزيراعظم چيو ته 40 سالن جي ويڙهه کانپوءِ (انهن ڌڙن جي اقتدار ۾) شموليت هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آه??.