اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آزاد ڪ??مير ۾ سياحت جي فروغ لاءِ انفراسٽرڪچر جي بهتري جا قدم کڻي ??هي آهي، واديءَ ۾ سياحت جي فروغ سان معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي چئي جنهن س??ڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته آزاد ڪ??مير جي ماڻهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ملاقات ۾ آزاد ڪ??مير ترقياتي پئڪيج ۽ 5 سالا ترقياتي پلان تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي. ترقياتي پئڪيج ۾ سياحتي انفراسٽرڪچر، بنيادي صحت ۽ تعليم ۽ ايل او سي ويجهو رهندڙ آبادي جي لاءِ منصوبا شامل آهن.