مشهد – 04 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي وفد سميت مشهد پهچي ويو آهي. مشهد جو ڊپٽي گورنر ۽ ڪائونسل جنرل عارف ڀٽني ايئر پورٽ تي وفد جو استقبال ڪيو. وفد روضه امام رضا تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ تهران روانو ٿي ويندو. سينيٽ چيئر??ين جي سربراهي ۾ وفد ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران محمد صادق سنجراڻي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سميت ٻين اهم اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. ان دوري ۾ سينيٽ چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم پاڪستان عمران خان پاران پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطح تي پارلياماني وفد ۾ سينيٽ چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي سا?? گڏ سينيٽرز دلاور خان?? احمد خان، محمد عبدالقادر کانسواءِ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به شامل آهن.