اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي امتحان ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏيڻ تي نجي ڪاليج جي هڪ مي??يڪل جي شاگرد جي شڪايت تي چيو آهي ته متاثره ڌر پاڪستان مي??يڪل جي شاگرد جي شڪايت تي چيو آهي ته متاثر ڌر پاڪستان مي??يڪل ڪميشن جي لاڳاپيل شق تحت ڪيس داخل ڪري، جنهن تحت يونيورسٽين کي اختيار حاصل آهي ته اهي شاگردن کي امتحان ۾ شرڪت جا وڌيڪ موقعا ڏئي سگهن ٿيون. ايوان صدر مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب سربلند خان صدر کي وفاقي ??حتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي هئي جنهن ۾ وفاقي ??حتسب محمد مي??يڪل ڪاليج ميرپورخاص جي فيصلي کي برقرار رکيو ويو هو. درخواستگذار واضح ڪيو ته هو ٻئي سال جي بائيو ڪيمسٽري جي امتحان ۾ ٻه ڀيرا فيل ٿيو هو ۽ رول تحت امتحان پاس ڪرڻ جي لاءِ وٽس چار موقعا ه??ا جڏهن ته هو امتحان ۾ شرڪت جي ٽئين ۽ چوٿين موقعي مان فائدو نه کڻي سگهيو ڇو ته مي??يڪل ڪاليج کيس وقت سر اطلاع نه ڏني ۽ شاگرد جي ڪاليج ۾ داخلا تي پڻ پابندي هنئي وئي. سربلند خان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي اپيل ڪندي گذارش ڪئي ته جيڪڏهن ان کي امتحان ۾ شرڪت جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ته پوءِ لاڳاپيل مي??يڪل ڪاليج کي هدايت ڪئي وڃي ته ان کي 15 لک رپيا جمع ڪرايل فيس گڏ 7 سالا منافعي جي رقم سان گڏ واپس ڪئي وڃي. شڪايت ڪندڙ اها به درخواست ڪئي ته ان جي بائيو ڪيمسٽري جي پيپر جي ري چيڪنگ جو پ?? حڪم ڏنو وڃي ڇو ته هو رڳو هڪ نمبر گهٽ هجڻ جي ڪري فيل قرار ڏنو ويو آهي. وفاقي ??حتسب پنهنجي آرڊر ۾ چيو هو ته مي??يڪل ڪاليج جي حوالي سان ڪا بدانتظامي ظاهر نه ٿي ٿئي ۽ پاڪستان مي??يڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) جي 24 سيپٽمبر 2020ع جي ايڪٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ شاگرد امتحان ۾ چار ڀيرا شرڪت جي موقعي مان فائدو نه ٿو کڻي سگهي ڇو ته ان حوالي سان قانون ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سربلند خان جي اپيل تي پنهنجي فيصلي ۾ پي ايم ڊي سي جي ريگيوليشنز 2021ع جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ته ان حوالي سان لاڳاپيل يونيورسٽي شاگرد کي امتحان ۾ شرڪت جي اجازت ڏئي سگهي ٿي ۽ امتحان ۾ ڪنهن شاگرد جي شرڪت جي موقعي جي فيصلي جو اختيار لاڳاپيل يونيورسٽي وٽ آهي ۽ ان حوالي سان شاگرد کان ڪا اضافي فيس طلب نه ٿي ڪري سگهجي. هن لاڳاپيل تعليمي سالن جي لاءِ ادا ڪيل فيسن جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جي چيپٽر IV جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ته فيل ٿيل امتحان ۾ ٻيهر شرڪت جي موقعي بابت ريگيوليشنز ۾ لکيل آهي ته هر يونيورسٽي فيل ٿيندڙ شاگرد جي امتحان ۾ شرڪت جي حوالي سان پنهنجا قانون پاڻ جوڙيندي ۽ اهڙي قسم جي ريگيوليشنز کي مشتهر ڪيو ويندو ته جيئن هر شاگرد جي انهن قانونن تائين پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر چيو ته وفاقي ??حتسب پاران پاس ڪيل آرڊر ۾ ڪنهن به ق??م جي خامي نه آهي جڏهن ته اپيل ڪندڙ جيڪڏهن چاهي ته هو پي ايم ڊي سي جي لاڳاپيل قانون مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن اپيل ڪندڙ چاهي ته پنهنجي شڪايت جي ازالي لاءِ لاڳاپيل فورم تي رابطو ڪري موجوده ق??نون مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ان حڪم تحت صدر ڊاڪٽر عارف علوي مي??يڪل ڪاليج جي شاگرد سربلند خان جي اپيل کي اڪلائي ڇڏيو.