اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين مخالف ڌر ا??وا?? شهباز شريف جي قيادت هيٺ فلسطين جي حق ۾ 17 مئي تي ايوان مان منظور ٿيل قراردا?? جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي، ان موقعي تي جي يو آءِ (ف) جو پارلياماني ا??وا?? مولانا اسد الرحمان، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت سڄي مخالف ڌر پارٽين جا ڪيترائي ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا، ميان شهباز شريف قراردا?? جي نقل گڏيل قومن جي نمائندي جي حوالي ڪئي ۽ چيو ته اها قرارداد س??ي پاڪستاني قوم جي جذبن جي ترجماني آهي، گڏيل قومن جي نمائندي يقين ڏياريو ته سندن جذبا ۽ قراردا?? جي مسودي کي گڏيل قومن جي مرڪزي آفيس تائين پهچايو ويندو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلسطين تي اسرائيل پاران ظلم ڪيو ويو ۽ بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ فلسطينن جو وڏو تعداد شهيد ٿيو، هن چيو ته مسجد اقصيٰ ۾ بربريت ڪئي وئي، تاريخ اهڙا غمگين منظر پهرين ڪڏهن نه ڏٺا، پارليامينٽ متفقه قرارداد منظور ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي.