اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني هم منصب لي ڪي چيانگ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئ??، جنهن ۾ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه، ٻه طرفي لاڳاپن ۽ ڪورونا ويڪسين جي فراهمي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيني هم منصب ۽ قيادت کي مريخ تي چيني خلائي جهاز جي ڪامياب لينڊنگ تي مبارڪباد پيش ڪئي جنهن سان چين جي وڌندڙ ٽيڪينڪي صلاحيت کي اجاگر ڪيو، ??زيراعظم عمران خان زور ڏيندي چيو ته گذريل سالن دوران گڏيل ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان ??اڪ??تان ۽ چين پنهنجي لاڳاپن کي سدابهار وڌندڙ حصيداري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، چين ??اڪ??تان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو فلينگ شپ منصوبو آهي ۽ ان سان معاشي سرگرمين کي تيز ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا آهن ۽ ان سان ٻه طرفا ۽ علائقائي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته سال 2021ع هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 17 هين سالگرهه جو سال آه??، جنهن کي ٻئي ڌريون ڀرپور انداز ۾ ملهائيندي??ن، وزيراعظم ان موقعي تي چيني وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪئي، وزيراعظم عمران خان ڪوووڊ 19 مان سرخرو ٿيڻ ۾ پاڪ چين تعاون تي روشني وجهندي ڪورونا ويڪسين جي فراهمي ۾ چين جي ??اڪ??تان کي جاري مدد تي دل جي گهراين سان واکاڻ ڪئي.