اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينٽرل بزنس ??سٽ??ڪٽ ۽ راوي منصوبا موجوده حڪومت جي ترجيحي منصوبن ۾ شامل آهن، ان تي ٽائيم لائنز موجب عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي سٽي منصوبي ۽ سينٽرل بزنس ??سٽ??ڪٽ جي قيام ج?? حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ راوي سٽي منصوبي جي اڳڀرائي ۽ راوي سٽي ۾ ايگري فارمنگ جي شعبي ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي به وزيراعظم ??ي بريفنگ ڏني وئي. لاهور ۾ سينٽرل بزنس ??سٽ??ڪٽ جي قيام ج?? حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي بابت به ا??لاس کي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ??يو ته راوي سٽي منصوبو لاهور شهر جي مسئلن جي حل لاءِ اهم اهميت رکندڙ آهي. راوي سٽي منصوبي سان لاهور سميت پوري صوبي ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون.