اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي قدمن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسمگلڊ تيل جي وڪري سبب معيشت کي 100 ک??ن 150 ارب رپيا ساليانو نقصان ٿي رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ 2094 پيٽرول پمپس اسمگلڊ تيل جي وڪري ۾ ملوث آهن. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي ڪري ملڪي ??عيشت ک?? ناقابل تلافي نقصان پهچي رهيو آهي.