اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قد??ن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته چئن مهينن جي وقفي کانپوءِ پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ڪورونا فوتگين جو انگ 50 کان وڌي ويو آهي، ڪالهه 59 ڪورونا مرض ۾ مبتلا ماڻهو فوت ٿي??. پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ??ه انتهائي ضروري آهي ته قوم يڪجا ٿي ٻيهر احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري، ته جيئن اسان ماڻهن جي صحت جي به حفاظت ڪريون ۽ ماڻهن جي روزگار کي به بچائي سگهون.